وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 4 روپيه 53 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 293 روپيه 94 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي

نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ 8 روپيه 14 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي. ڊيزل جي نئين قيمت 290 روپيه 38 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

گاسليٽ جي قيمت ۾ 6 روپيه 54 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي. لائٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 174 روپيه 34 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي 60.60 روپيه في ليٽر تي برقرار آهي.

نيون قيمتون گذريل رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويون آهن. پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ هونديون. ناڻي واري وزارت موجب  عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن جي ڪري مجبورن قيمتون وڌائڻيون پيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔