کنڊ اسڪينڊل ڪميشن جي حتمي رپورٽ وزيراعظم آڏو پيش

اسلام آباد : کنڊ اسڪينڊل ڪميشن پنهنجي حتمي رپورٽ وزيراعظم عمران خان آڏو پيش ڪري ڇڏي آهي، ڪميشن جي سربراهه واجد ضياءَ وزيراعظم سيڪريٽريٽ وڃي رپورٽ جمع ڪرائي، کنڊ ڪميشن جي حتمي رپورٽ ۾ شگر ملز مالڪن تي ٽيڪس چوري جو الزام لڳايو ويو، ڪيترن ئي اهم شخصيتن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي، ذريعن موجب، 2 سئو صفحن تي ٻڌل رپورٽ سان گڏ شگر ملز مالڪن جا بيان به شامل ڪيا ويا آهن، رپورٽ تي ويچارڻ لاءِ وزيراعظم وفاقي ڪابينا جو اجلاس به اڄ طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔