ڪراچي جي موسم جي حوالي سان اهم خبر

ڪراچي : موسمياتي ماهرن ڪراچي ۾ گرمي وڌڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسمياتي تجزئي نگار موجب 8 اپريل کان گرمي پد وڌي 38 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان آهي، شهر ۾ شام جي وقت سامونڊي هوائن جي رفتار ۾ واڌ سبب موسم بهتر رهندي، شام جو موسم جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي.
تجزئي نگار ٻڌايو ته عيد کانپوءِ اولهه هوائن جو سلسلو ملڪ تي اثرانداز ٿيڻ جو امڪان آهي، سسٽم تحت ڪراچي ۾ به ڪجهه جاين تي برسات جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔