ملڪ ۾ عيدالفطر چوويهه مئي تي ٿيندي: فواد چوڌري

اسلام آباد:سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ عيدالفطر 24 مئي تي ٿيندي پر رويت هلال ڪميٽي سومر تي عيد ڪرڻ چاهي ٿي.رپورٽ موجب سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وزير فواد چوڌري هڪ دفعو ٻيهر رويت هلال ڪميٽي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سائنس جي جديد دور ۾ رويت هلال ڪميٽي جي ڪابه ضرورت ناهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ عيدالفطر 24 مئي تي ٿيندي.فواد چوڌري چيو آهي ته رويت هلال ڪميٽي سومر تي عيد ڪرڻ چاهي ٿي. سڀاڻي پريس ڪانفرنس ۾ سمورا ضروري معاملا سامهون آڻيندس ۽ ٻڌائيندس ته عيد 24 مئي تي ڇو ٿيندي جڏهن ته اهو به ٻڌائيندس ته رويت هلال ڪميٽي ڇو سومر تي عيد ڪرڻ چاهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔