قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي

نئون ديرو : پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 45 هين ورسي تقريب اڄ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي . پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي طرفان ورسي جي موقعي تي مزار جي احاطي اندر قرآن خواني جو بندوبست ڪيو ويو آهي. قرآن خواني ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جا جيالا ڀرپور شرڪت ڪري رهيا آهن جڏهن ته ايم پي اي فريال ٽالپر خصوصي طور شرڪت ڪري رهي آهي . پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 45 هين ورسي جي مک تقريب رمضان مبارڪ جي مهيني سبب ملتوي ڪري 14 اپريل تي جلسي عام جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت پارٽي جا ٻيا اڳواڻ خطاب پڻ ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔