اسلام آباد کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 3 ججز کي به ڌمڪين وارا خط ملي ويا

لاهور: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 3 ججز کي به ڌمڪين وارا خط ملي ويا آهن.

خط لاهور هاءِ ڪورٽ جي سينئر ججز جسٽس شجاع علي خان، جسٽس شاهد بلال، جسٽس عاليه نيلم جي نالي اماڻيا ويا آهن.

ڌمڪين وارا خط ملڻ جي اطلاع تي سي ٽي ڊي ۽ پوليس آفيسر لاهور هاءِ ڪورٽ پهچي ويا، جڏهن ته ٻئي طرف لاهور هاءِ ڪورٽ جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي.

شڪي خط ملڻ کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، پوليس فورس عدالت جي احاطي ۾  موجود آهي، جڏهن ته سي ٽي ڊي اختياريون لاهور هاءِ ڪورٽ پهچي ويون آهن.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 ججز کي شڪي خط مليا هئا جنهن جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔