گوگل جو رمضان دوران پاڪستاني شهرين لاءِ اهم فيچرَ متعارف

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)گوگل دنيا جي مقبول ترين سرچ انجڻ آهي ۽ ان کانسواءِ آن لائين زندگي اڻپوري محسوس ٿيندي آهي.ان جو هڪ ڪارڻ اِهو به آهي ته انٽرنيٽ سرچ انجڻ طرفان واهپيدارن کي هر قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ ائين ئي رمضان جي ڀلاري مهيني دوران به ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته سموري دنيا جي مسلمانن جيان پاڪستاني به رمضان المبارڪ جو مهينو مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهن ۽ ان عرصي دوران روز مره جي مصروفيتون به تبديل ٿي وينديون آهن.ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪمپني طرفان پاڪستاني واهپيدارن لاءِ ڪجهه نوان فيچر متعارف ڪرايا ويا آهن.ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان موجب، گوگل جي مدد سان پاڪستاني واهپيدار ڀلاري مهيني دوران عبادت تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ انوکي انداز ۾ رمضان جي تجربن مان لطف اندوز ٿي سگهن ٿا.
شاپنگ ۾ مدد
رمضان کانپوءِ عيد الفطر ملهائي ويندي آهي ۽ ان لاءِ ڪپڙن جي نوان، نوان لباس خريد ڪيا ويندا آهن جڏهن ته گهرن ۾ کي پڻ سينگاريو ويندو آهي.اهڙي ريت اوهان جيڪڏهن روزي دوران انوکي ۽ خاص ڊِش بابت سوچيو ته گوگل ان سلسلي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.اوهان فون تي موجود ڪئمرا جو استعمال ڪندي اهڙي لذيذ مٺائي ڳولي سگهو ٿا جيڪا اوهان جي ڪنهن دوست پنهنجي گهر ۾ تيار ڪئي هئي يا وري عيد الفطر لاءِ بهترين لباس به خريد ڪري سگهو ٿا.ان مقصد لاءِ موبائيل تي گوگل لينس لانچ ڪريو ۽ ڪئمرا آئيڪون سليڪٽ ڪري رڳو هڪ تصوير يا اسڪرين شاٽ وٺو.گوگل لينس جي سرچ رزلٽس جي مدد سان اوهان گهربل شين جي خريداري ڪري سگهو ٿا يا اِهو ڄاڻي سگهو ٿا ته اِهي ڪٿي ملنديون.
کاڌي جي ترڪيب ۽ طريقا
کاڌن جا شوقين ماڻهو رمضان دوران پنهنجي من پسند پڪوان جي ترڪيب ڄاڻڻ لاءِ گوگل کان مدد وٺي سگهن ٿا.ٽيسٽي پڪوان رمضان جي خاص روايت آهن، سڄي ڏينهن جي روزي کانپوءَ گهرڀاتي شام جو افطار ۽ ماني کائڻ لاءِ گڏجندا آهن.جيڪڏهن رمضان دوران کاڌي پچائڻ جي صلاحيت بهتر ڪرڻ چاهيو ٿا يا ٻين ملڪن جي کاڌن بابت ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته گوگل کان مدد وٺو.گوگل سرچ تي طعام جو نالو ۽ ترڪيب لکو ته ڪيئي طريقا سامهون اچي ويندا.اهڙي ريت رمضان دوران آن لائين، مذهبي ليڪچرز ۽ لذيذ ترڪيبن لاءِ اوهان گوگل پلي جو به استعمال ڪري سگهون ٿا.
گوگل جي مدد سان سفر جي رٿابندي
عيدالفطر جي موڪلن دوران مختلف شهرن يا گوٺن ۾ رهندڙ پنهنجي مٽن مائٽن سان ملاقات لاءِ وڃڻ پاڪستانين جي پراڻي روايت آهي.ان لاءِ گوگل ميپس کان مدد وٺي سگهي ٿي جنهن ذريعي اوهان پيٽرول پمپ، گاڏين جي مرمت ڪندڙ ورڪشاپن، مسجدن، آرام گاهن جهڙين مستقل ۽ عارضي سهولتن بابت تفصيل حاصل ڪري سگهو ٿا.ان کانسواءِ گوگل ميپس روڊ ذريعي سفر دوران اوهان اِها ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا ته مختلف ٽول پلازائن تي ٽول جي شرح ڇا هوندي يا ٻيا تفصيل به ڄاڻي سگهو ٿا.ک

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔