بجلي 5 روپيه في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي(سي پي پي اي) بجلي مهانگي ڪرڻ جي لاءِ درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن جي تحت هڪ مهيني جي لاءِ بجلي 5 روپيه في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي.

اضافو فيروري جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ گهريو ويو آهي. درخواست  منظور ٿيڻ تي صارفين مٿان 40 ارب روپين کان وڌيڪ جو بار پوندو.

سي پي پي اي جي درخواست موجب فيبروري ۾ 6 ارب 87 ڪروڙ 60 لک بجلي جا يونٽ وڪرو ٿيا جنهن ۾ پاڻي سان 24.77 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي.

فيبروري ۾ مقامي ڪوئلي سان 13.94 سيڪڙو ۽ درآمدي ڪوئلي مان 1.89 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. مقامي گيس مان 11.04 ۽ درآمدي ايل اين جي مان 20.33 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. جڏهن ته ٻارڻ جي تيل مان 23.29 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. سي پي پي اي جي درخواست تي نيپرا 28 مارچ تي ٻڌڻي ڪندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔