صدر آصف علي زداري کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو

اسلام آباد:  ملڪ جي 14هين صدر آصف علي زرداري کي ايوان صدر ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي طرفان گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

 گارڊ آف آنر جي تقريب ۾ صدر آصف زرداري جي اعزاز ۾ ترانو وڄايو ويو. بلاول ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو ۽ بختاور ڀٽو به تقريب ۾ شريڪ ٿيا.

آصف زرداري روايتي انداز ۾ صدارتي بگهي ۾ سوار ٿي ايوان صدر پهتو جتي هٿياربند فوج طرفان کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

صدر آصف علي زرداري طرفان پنهنجي ڌيءَ آصفه ڀٽو کي خاتول اول بنائڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن آصف علي زرداري ملڪ جي 14هين صدر جي حيثيت سان عهدي جو حلف کنيو هو. هن اليڪٽورل ڪالج جي هڪ هزار 185 ووٽن مان 411 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔