جرمن قونصليٽ ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي پهرين گول ميز ڊائيلاگ جو انعقاد

ڪراچي: اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ، ان مناسبت سان جرمن قونصليٽ ۾ پهرين گول ميز مذاڪري (رائونڊ ٽيبل ڊائيلاگ) جو انعقاد ڪيو ويو ، جنهن ۾ ڪارپوريٽ ۽ ڪاروباري عورت رهنمائن جي هڪ پاور هائوس حصو ورتو .گول ميز ڊائيلاگ ۾ شريڪ عورت رهنمائن پاڪستان جي پاليسي سازي ۽ پارلياماني منظرنامي ۾ عورتن جي شرڪت ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ چيلنجز جو جائزو ورتو، ان جو مقصد عورتن جي فعال شرڪت جي رستي ۾ ايندڙ مخصوص رڪاوٽن کي اجاگر ڪرڻ هو ، خاص طور تي عوامي پاليسي ۾ ڪيرئير ڏانهن اڳڀرائي ۾ پيش ايندڙ چيلنجز جي نشاندهي تي ڌيان ڏيڻ شامل هو .ان اهم مذاڪري ۾ رونق لاکاڻي، فوزيا ڪيهر ، ناز آفرين سهگل لاکاڻي، سيده ثروت گيلاني، سبين جتوئي، حنا عثماني ، منيزه بٽ،عنبرين ٿامسن، نصرت منشي، انجم حلائي، نوشين احمد، نرگس سورتي ، ڊاڪٽر زينب صمد ، سفيناز منير ، شمائله لون ، ناز فينسي ، فريحه سيفي، سميرا نويد ، نوشين وصي ۽ ڊاڪٽر تنوير خالد ڀرپور حصو ورتو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔