ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي هيرو قرار ڏيڻ جي قرارداد سنڌ اسيمبلي ۾ جمع

ڪراچي:   سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي جمهوري هيرو قرار ڏيڻ جي قرارداد سنڌ اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.

سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ پاڻ مڃيو آهي ته ڀٽو ڪيس ۾  غلطي ٿي آهي جيڪو ظلم ٿيو آهي ان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي سرڪاري طور تي شهيد ڊڪليئر ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم  جي ميمبر عبدالوسيم چيو ته نانا جو قتل ٿيو، ڏوهٽي ٻڌو. اسان اهڙي ملڪ ۾ رهي رهيا آهيون جتي انصاف جي کوٽ آهي.

جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق قرارداد جي حمايت ڪندي چيو ته ملڪ ۽ قوم جو نقصان ٿيو آهي ان جو رستو ڪير روڪيندو؟ ان جو رستو جمهوري ماڻهن کي روڪڻو آهي. اڄ به هڪ وزيراعظم جيل ۾ آهي، نڪاح جي نالي تي ان کي سزا ڏني وئي، جمهوري ماڻهن کي سزا ثبوت جي بنياد تي ڏيو، زور ۽ زبردستي جي بنياد تي سزا نه ڏني وڃي.

پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار شبير قريشي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي شعور ڏنو ثابت ٿي چڪو آهي ته عوام جي لاءِ وڙهندڙن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔