پاڪستان ۾ وي پي اين جي استعمال ۾ 6 هزار سيڪڙو واڌ

جنيوا : انٽرنيٽ پرائيويسي ڪمپني پروٽون چيو آهي ته گذريل هڪ سال دوران پاڪستان ۾ وي پي اين جي استعمال ۾ 6 هزار سيڪڙو واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪمپني طرفان بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل هڪ سال دوران نيپال ۾ وي پي اين جي استعمال ۾ 4 هزار 700 سيڪڙو، گيبون ۾ 27 هزار سيڪڙو ۽ سينيگال ۾ هڪ لک سيڪڙو واڌ ڏسڻ ۾ آئي، اها واڌ سياسي ۽ سماجي عدم استحڪام جو ردعمل آهي.
بيان ۾ ڪمپني جي سربراهه چيو ته 2024 دنيا ۾ جمهوريت لاءِ اهم سال آهي، هلندڙ سال جن ملڪن ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن، انهن مان ڪيترن ئي ملڪن جو اظهار جي آزادي ۽ آزاد چونڊن جي حوالي سان رڪارڊ شڪي آهي.
ڪمپني موجب سينسر شپ جي تاريخ رکندڙ اهي ملڪ، جتي هن سال چونڊون ٿي رهيون آهن، اتي ڪمپني مفت وي پي اين سروسز فراهم ڪندي، انهن ملڪن ۾ وينزويلا، ڏکڻ سوڊان، سريلنڪا ۽ ترڪي سميت ٻيا ملڪ شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔