آصف زرداريءَ جي مقابلي ۾ محمود خان اچڪزئي صدارتي اميدوار نامزد

سني اتحاد ڪائونسل آصف علي زرداريءَ جي مقابلي ۾ پشتونخواهه ملي عوامي پارٽيءَ  جي سربراهه محمود خان اچڪزئي کي صدارتي اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو

پي ٽي آءِ باني اڊياله جيل مان محمود خان اچڪزئي کي صدارتي اميدوار نامزد ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون

پيپلزپارٽي پاران آصف علي زرداري ۽ سني اتحاد ڪائونسل پاران محمود خان اچڪزئي جا نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي آصف علي زرداري جي صدارتي اميدوار طور نامزدگي فارم جمع ڪرايا

مراد علي شاهه آصف زرداري جو تجويز ڪندڙ ۽ ناصر حسين شاهه تائيد ڪندڙ آهن

 سني اتحاد ڪائونسل پاران گوهر ايوب ۽ ٻين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا

عبدالقدوس اعواڻ به آزاد اميدوار طور پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرايا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔