پاڪستان ٽيم لاءِ هنگامي بنيادن تي پرڏيهي ڪوچن جي ڳولا شروع ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ هنگامي بنيادن تي پرڏيهي ڪوچن جي ڳولا شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي ترجيح قومي ٽيم لاءِ مضبوط سپورٽ اسٽاف جي ڳولا آهي ۽ ڪوچنگ اسٽاف بابت ايندڙ هفتي اڳڀرائي جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين پاڪستان ٽيم لاءِ پرڏيهي ڪوچن جي ڳولا جو ڪم هنگامي بنيادن تي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پاڪستان ٽيم اپريل جي وچ ۾ نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏندي، 5 ميچن جي سيريز راولپنڊي ۽ لاهور ۾ 18 اپريل کان شروع ٿيندي.
ان کانسواءِ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستان کي آئرلينڊ ۽ انگلينڊ خلاف به ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔