بلوچ ڪلچر ڊي: سبي ۾ به بلوچ ثقافتي ويس وڳا اوڍي ٻاهر نڪري آيا

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ بلوچ ڪلچر ڊي ملهايو پيو وڃي

پاڪستان سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ بلوچ ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيا آهن

سبي ۾ به بلوچ ثقافتي ويس وڳا اوڍي ٻاهر نڪري آيا، بلوچستان ۾ برسات جي هاڃن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بلوچ ڪلچر ڊي جي جون تقريبون نه ٿي سگهيون

بلاول ڀٽو زرداري بلوچن کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته هر پاڪستاني ۽ خاص ڪري نوجوانن جو فرض آهي ته هو پاڪستان جي قديم ۽ شاندار ثقافت کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن

پنجاب جي نئين چونڊيل سي ايم مريم نواز پاران بلوچ ڪلچر ڊي تي بلوچن کي واڌايون ڏنيون ويون آهن

 مريم نواز چيو آهي ته بلوچستان خوبصورت ماڻهن جي خوبصورت ڌرتي آهي، بلوچ ڪلچر ۾ محبت ۽ حب الوطني جا رنگ چٽا نظر اچن ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔