پاڪ آرمي جو گوادر ۾ ريسڪيو اينڊ ريليف آپريشن، متاثر خاندان محفوظ ڪيمپن ۾ منتقل

راولپنڊي: پاڪستان آرمي طرفان گوادر ريسڪيو اينڊ ريليف آپريشن جاري آهي،  48 ڪلاڪن ۾ متاثر علائقن جي خاندان کي خوراڪ، پاڻي دوائون ۽ بسترا ڏيڻ کان پوءِ انهن کي مختلف محفوظ ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

گوادر جي متاثر علائقن ۾ ڊي وائرنگ ڪارروايون جاري آهن، جن ۾ ملا فاضل چوڪ، جنت بازار، شاهين چوڪ، سربندر ۽ جيواني شامل آهن،  20 خاندان جي پي اي ريسٽ هائوس ۾ ترسيل آهن، جڏهن ته 43 خاندان ملاح بينڊ وارڊ مان فقير ڪالوني ۽ ملاح بينڊ پرائمري اسڪول منتقل ڪيا ويا.

سول انتظاميه ۽ فوج جا 34 واٽر پمپ علائقن ۾ موجود آهن جڏهن ته 8 ميڊيڪل ڪيمپس قائم ڪيا ويا. مريضن جي علاج لاءِ گوادر شهر جي ويجهو بازنجو فٽبال ڪلب ۽ آر سي ڊي سي وٽ ڪيمپ لڳايو ويو. جيواني ۾ روهبرگان ۽ سريندر ۾ به سيٽ اپ قائم ڪيا ويا آهن جتي 1500 کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو ۽ 860 متاثر خاندانن ۾ 23 ٽن راشن ورهايو ويو آهي

29 فيبروري جي رات 5 ڪلاڪن تائين آپريشن جاري رهيو، مختلف هنڌن تي ماڻهن کي حفاظت سان  ٻوڏ جي پاڻي مان ڪڍيو ويو، 7 ڄڻن تي ٻڌل هڪ خاندان نگور آڪڙه علائقي ۾ ڦاسي ويو هو، آپريشن کان پوءِ خاندان جا سمورا ماڻهو ۽ انهن سان گڏ 35 چوپائي مال کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو.

29 فيبروري جي رات ۽ پهرين مارچ جي صبح هڪ مشڪل آپريشن جي دوران پاڪ فوج ۽ ڪوسٽ گارڊ جي جوانن شبي ندي ڪنناني ۽ پاليري واري هنڌ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل 8 ڄڻن کي حفاظت سان ڪڍيو ويو. پاڻي جو وهڪرو تمام گهڻو تيز هو پر جوانن جان جي پرواهه کان سواءِ کين حفاظت سان ڪڍي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو.

ياد رهي ته 27 فيبروري تي گوادر ۾ 30 ڪلاڪ تائين لڳاتار برسات پئي جنهن سبب سمورو شهر پاڻي هيٺ اچي ويو ۽ هيٺاهين وارا علائقا مڪمل طور تي پاڻي ۾ ٻڏي ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔