خيبرپختونخواهه جي نئين چونڊيل وڏي وزير علي امين گنڊاپور حلف کڻي ورتو

پشاور: خيبرپختونخواهه جي نئين چونڊيل وڏي وزير علي امين گنڊاپور عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. علي امين گنڊاپور کان ڪي پي ڪي جي گورنر غلام علي حلف ورتو.

رپورٽ موجب حلف برداري جي تقريب گورنر هائوس پشاور ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ ڪي پي ڪي اسيمبلي جي اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، بابر اعواڻ، اعظم سواتي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

حلف جي تقريب ۾ ڪارڪنن جو وڏو انگ به گورنر  هائوس پهتو. ان دوران برسات جو سلسلو به جاري رهيو پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي پوليس سان  سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ  ٿي مهمانن جي ڪرسين تي ڪارڪنن قبضو ڪري ورتو. اسيمبلي ميمبرن جي سيٽن تي به ڪارڪن ويهي رهيا. مهمانن جون ڪرسيون خالي ڪرڻ جي لاءِ اسٽيج تان ڪيترائي ڀيرا اپيلون پڻ ٿيون پر ڪارڪنن  هڪ به نه ٻڌي. جنهن کان پوءِ نون چونڊيل ميمبرن بيهي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ايم پي اي کي به به ويهڻ جي لاءِ جڳهه نه ملي.ياد رهي ته گورنر هائوس طرفان هڪ ڏينهن اڳ صوبائي نگران ڪابينه ٽوڙڻ جي پڌرائي به جاري ڪئي وئي هئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته گورنر نگران وڏي وزير جي ايڊوائس تي نگران ڪابينه ٽوڙڻ جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔