وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، شهباز شريف ۽ عمر ايوب جا نامزدگي ڪاغذ منظور

اسلام آباد : قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان لاءِ شهباز شريف ۽ عمر ايوب جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا.
وزرات عظميٰ لاءِ اتحادي جماعتن جي اميدوار شهباز شريف جا نامزدگي ڪاغذ قومي اسيمبلي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرايا ويا، جيڪي سيڪريٽري جنرل قومي اسيمبلي طاهر حسين وصول ڪيا.
شهباز شريف جي مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار عمر ايوب جا به ڪاغذ جمع ڪرايا ويا.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب شهباز شريف لاءِ 8 ۽ عمر ايوب لاءِ 4 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا، جن کي جاچ پڙتال کانپوءِ منظور ڪيو ويو.
سني اتحاد ڪائونسل جو شهباز شريف جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض رد ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔