ڪراچي، حيدرآباد، اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو شروع

اسلام آباد: وفاقي راڄڌاني اسلام آباد سميت ڪراچي حيدرآباد ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جنهن سبب ٿڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر واڌ ٿي وئي.

موسميات کاتي جي اڳڪٿي بعد ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ڪراچي جي مختلف علائقن صدر، ڪينٽ اسٽيشن، ڊفينس، ڪورنگي ، نارٿ ناظم آباد، گلشن اقبال، گلستان جوهر، ملير، محمود آباد ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، حيدرآباد ۾ به وقفي وقفي سان هلڪي برسات شروع ٿي وئي. موسميات کاتي موجب برسات جو سلسلو آچر تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.

راولپنڊي، اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ رات کان هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب موسم خوشگوار ۽ ٿڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر واڌ ٿي وئي آهي. پنجاب جي مختلف علائقن لاهور، جڙانوالا، سرگودها، ليه، سلطانپور، جهانيان ۾ به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي.

خيبرپختونخواهه جي علائقي بونير، شانگلا، بنون سميت مختلف علائقن ۾ تيز ۽ هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته جابلو علائقن ۾ هڪ دفعو ٻيهر برفباري شروع ٿي وئي.

ياد رهي ته موسميات کاتي ملڪ ۾ اڄ کان آچر تائين برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي آهي. جڏهن ته ڪجهه شهرن ۾ طوفاني برسات جو به امڪان آهي جنهن کان پوءِ اهڙن علائقن ۾ نه صرف حفاظتي قدم کنيا ويا آهن پر شهرين کي به احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔