گنڊاپور وڏي اڪثريت سان خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير چونڊجي ويو

پشاور: علي امين گنڊاپور وڏي اڪثريت سان خيبرپختونخواهه جو 22 هون قائد ايوان چونڊجي ويو آهي.خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خيبرپختونخواهه جي 22هين اسپيڪر لاءِ ووٽنگ ٿي.ڊيرا اسماعيل خان مان آزاد حيثيت ۾ چونڊون کٽيندڙ علي امين گنڊاپور کي سني اتحاد ڪائونسل جي حمايت حاصل هئي، جڏهن ته سندس مخالف مسلم ليگ ن جو عبادالله خان هو، جنهن کي پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ پارليامينٽ ميمبرن جي به حمايت حاصل هئي. نتيجن جو اعلان ڪندي ڪي پي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته علي امين گنڊاپور 90 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته سندس مخالف اميدوار عبادالله 16 ووٽ حاصل ڪيا، اهڙي ريت علي امين گنڊاپور 90 ووٽ حاصل ڪري وڏو وزير چونڊجي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔