وڌيڪ جانور پالڻ کان بهتر آهي ته انسان يتيم ٻار جي پرورش ڪري وٺي: بشريٰ انصاري

لاهور: پاڪستان جي سينئر اداڪاره بشريٰ انصاري چيو آهي ته گهڻي تعداد ۾ جانور پالڻ کان بهتر آهي ته انسان يتيم ٻار جي پرورش ڪري وٺي.

تازو ئي بشريٰ انصاري هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن ساٿي فنڪارن جو ذڪر ڪيو جيڪي بي اولاد آهن يا پوءِ جيڪي شادي نٿا ڪرڻ چاهين پر والدين جون ذميواريون نڀائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اهڙا ماڻهو جن کي پالتو جانورن جو شوق آهي ته اهو 1 يا 2 ڪتا يا ٻلي پالي وٺن، جيڪڏهن انهن کي وڌيڪ جانور پالڻ جي خواهش هجي ته اهي ڪنهن يتيم، مسڪين ٻار کي گود وٺي ڇڏين.

بشريٰ انصاري چيو ته جيڪڏهن وڏي تعداد ۾ جانورن جي بجاءِ ڪنهن ٻار جي پرورش ڪندو ته گهٽ ۾ گهٽ اهو ٻار 4 يا 5 سالن جي عمر ۾ اوهان کي سلام ته ڪندو، سينئر اداڪاره پنهنجي سڃاڻپ واري جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته انهي وٽ 29 ٻليون آهن انهن جي سار سنڀال جي شين کان علاوه انهن لاءِ امپورٽڊ کاڌو ايندو آهي، امپورٽڊ کاڌي تي گهٽ ۾ گهٽ ماهوار 2 کان 3 لک روپيه خرچ ايندو  هوندو. بشريٰ انصاري مشهور گلوڪاره حديقه ڪياني جي مثال ڏيندي چيو ته منهنجو مشورو آهي ته پالتو جانورن تي پنهنجي ڪمائي جا پئسا خرچ ڪرڻ کان بهتر آهي ته ڪو ٻار گود وٺي ڇڏيو جنهن سان انساني زندگي جو ته ڀلو ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔