سڄي ملڪ ۾ شب برات عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي

ڪراچي: سڄي ملڪ ۾ شب برات عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، مسجدن ۽ گهرن تي نفلي عبادت ۽ شب بيداري جو خصوصي اهتمام ڪيو ويو.شعبان جي مهيني جي پندرهين رات، رحمتن ۽ برڪتن واري رات آهي. هن رات کي ليلته المبارڪ يعني برڪتن واري رات ليلته الصڪ يعني ورهاست جي رات ۽ ليلته الرحمت يعني رحمت نازل ٿيڻ جي رات به چيو ويندو آهي .شب برات جي اجتماعن ۾ مسجدن ۾ خصوصي نفل جي ادائيگي، الله پاڪ جي آڏو گناهن کان توبهه، بخشش، مغفرت، ايمان، سلامتي، رزق جي ڪشادگي ۽ پاڪستان جي سلامتي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون. ان کان علاوه نفلي روزو به رکيو ويو.شب برات جي سلسلي ۾ شهر جي مسجدن کي رنگ برنگي بتين سان سجايو ويو . شهرين پاران پنهنجن پيارن جي قبرن تي حاضري ڏئي گل چاڙهيا ويا ۽ فاتحه خواني به ڪئي وئي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔