سيد اويس قادر شاهه سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ انٿوني نويد ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويا

پيپلز پارٽيءَ جو اميدوار اويس قادر شاهه 111 ووٽ کڻي سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ۽ انٿوني نويد به 111 ووٽ کڻي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو

 ايم ڪيو ايم جي اميدوار صوفيه سعيد شاهه ۽ راشد خان کي 36-36 ووٽ ملي سگهيا، اويس قادر شاهه ۽ انٿوني نويد پنهنجن عهدن جو حلف کڻي ذميواريون سنڀالي ورتيون

 هائوس کي بهتر طريقي سان هلائڻ جو عزم ظاهر، آغا سراج درانيءَ  نئين چونڊيل اسپيڪر اويس قادر شاهه کي  ۽ اويس قادر شاهه انٿوني نويد کي حلف کڻايو

پي ٽي آءِ جي حمايت يافته 9 ميمبرز سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، ووٽنگ دوران پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ميمبرز طرفان اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف نعريبازي

 اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ ووٽنگ جي عمل ۾ حصو وٺڻ کان انڪار،  پي ٽي آءِ جي حمايت يافته بلال جتوئي ان عمل کي دوکي تي ٻڌل اليڪشن قرار ڏنو، پيپلز پارٽي جي اعجاز سُواتي کي ووٽ وجهڻ لاءِ گهرايو ويو ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ميمبرز “لوٽا لوٽا” جا نعرا  هنيا

اعجاز سُواتي پي ٽي آءِ جي حمايت سان آزاد اليڪشن وڙهي ڪامياب ٿيو هو، بعد ۾ هن پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي

سنڌ اسيمبليءَ ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ کان اڳ آغا سراج درانيءَ جماعت اسلامي جي هڪ  ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي 9 ميمبرز کي حلف کڻائي ورتو

 حلف کڻندڙ نون ميمبرز ۾ محمد فاروق، شبير قريشي، محمد اويس، بلال جدون، سجاد سومرو، ريحان اڪرم، واجد حسين، سربلند خان ۽ ساجد حسين  شامل، نون ميمبرز جي حلف کڻڻ بعد ايوان ۾ ميمبرز جو انگ 157 ٿي ويو،گذريل ڏينهن  پ پ جي 111 ۽ ايم ڪيو ايم جي 36 ميمبرز حلف کنيو هو

سنڌ جي نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اسيمبلي ۾ حلف کڻندڙ ميمبرز کي ويلڪم ڪريان ٿو، گڏجي سنڌ جي عوام جي خدمت ڪنداسين

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي بهتريءَ لاءِ اسان سڀ بهتر ڪردار ادا ڪنداسين، ڪوشش ڪنداسين ته ايوان کي بهتر طريقي سان هلايون، ملڪ انتهائي ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔