نواز ليگ سان معاملا طئي، پيپلز پارٽي وفاقي ڪابينا جو حصو بڻجڻ لاءِ رضامند، ن ليگ ۽ پ پ وچ ۾ حڪومت سازي جي معاملي تي اهم اڳڀرائي
پيپلز پارٽي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي
ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ ۽ پ پ گڏجي ملڪ کي معاشي ۽ سياسي بحران مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب صدر ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جا عهدا پيپلز پارٽي کي ملندا، پ پ ۽ ن ليگ بلوچستان ۾ گڏجي حڪومت ٺاهينديون
وڏو وزير پ پ جو هوندو، پ پ پنجاب ڪابينا جو به حصو هوندي، 2 يا 3 وزارتون ملڻ جو امڪان آهي