چونڊون ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست، درخواستگذار کي پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست جي ٻڌڻي دوران درخواستگذار کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي سپريم ڪورٽ جي بينچ جو حصو آهن.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته درخواستگذار علي خان ڪٿي آهي؟ جسٽس محمد علي مظهر چيو ته درخواستگذار 13 فيبروري تي درخواست واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي هئي.عدالت جي ساٿي چيو ته نوٽيس جي تعميل لاءِ درخواستگذار سان فون ۽ ايڊريس تي رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته پهريان درخواست داخل ڪن ٿا پوءِ غائب ٿي ويا، ڇا اها درخواست رڳو پبلسٹی لاءِ داخل ڪئي وئي هئي، درخواست ڏيندڙ کي ڪنهن به صورت ۾ پيش ڪيو وڃي، ڪيس هلايو ويندو. جيئن ئي درخواستگذار درخواست داخل ڪئي، هن اها ميڊيا کي جاري ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔