راولپنڊي جي ڪمشنر پاران چونڊن ۾ سنگين بي ضابتگين جو اعتراف ،استعيفيٰ جو اعلان ، اليڪشن ڪميشن جي ترديد، ڪمشنر گرفتار

راولپنڊي: راولپنڊي جي ڪمشنر لياقت علي چٺا عام چونڊن ۾ بي ضابطگين جو اعتراف ڪندي استيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي ، جڏهن ته اليڪشن ڪمشنر سندس الزامن کي رد ڪندي انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي ، ٻئي پاسي ڪمشنر کي گرفتار ڪيو ويو آهي .

اليڪشن ڪمشنر

راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا جو چوڻ هو ته چونڊن دوران راولپنڊي ڊويزن ۾ ناانصافي ٿي آهي .اسان هارايل اميدوارن کي 50-50 هزار جي ليڊ ۾ تبديل ڪيو ، راولپنڊي ڊيزن جا 13 ايم اين ايز  هارايل هئا جن کي 70-70 هزار جي  ليڊ ڏياري ۽ ملڪ سان راند کيڏي . هن پنهنجي ذميواري قبول ڪندي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو .

اليڪشن ڪميشن ڪمشنر جي الزامن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن کي به نتيجا تبديل ڪرڻ لاءِ نه چيو آهي .ٻئي پاسي الزام هڻندڙ ڪمشنر لياقت کي چٺا کي راولپنڊي ۾ اسٽيڊيم مان گرفتار ڪيو ويو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔