مري ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان، پي ڊي ايم اي انتظاميه کي الرٽ رهڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيون

ڪوئٽه: مري ۾ ايندڙ 2 ڏينهن دوران موسم خراب رهڻ جي اڳڪٿي سان گڏوگڏ انتظاميه کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پنجاب ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي) موجب مري، گليات ۽ ڀرپاسي ۾ 18 ۽ 19 فيبروري تي طوفاني برسات ۽ برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. پي ڊي ايم اي ترجمان ٻڌايو ته مري، گليات ۽ ڀرپاسي ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي برفباري جا 70 سيڪڙو جڏهن ته سومر جي ڏينهن برسات ۽ برفباري جا 75 سيڪڙو امڪان آهن.

پي ڊي ايم اي جي ترجمان چيو آهي ته مري ۾ اڄ کان 22 فيبروري تائين موسم جي صورتحال غير يقيني رهندي جنهن لاءِ مري انتظاميه سموري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. خراب موسم سبب پي ڊي ايم اي اي ترجمان ٻڌايو ته مري ويندڙ سياحن کي سفر دوران احتياط ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته موسميات کاتي طرفان اڳڪٿي ڪئي وئي هئي ته مغربي هوائن جو سلسلو 17 فيبروري جي رات کان ملڪ جي مغربي علائقن ۾ داخل ٿيندو جنهن سبب 17 کان 21 فيبروري جي دوران ملڪ جي مٿانهين  علائقن ۾ برسات جو امڪان  آهي.

موسميات کاتي ٻڌايو هو ته 17 کان 21 فيبروري جي دوران ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ برسات جڏهن ته جابلو علائقن  تي برفباري جو امڪان آهي. 17 کان 21 فيبروري تي اسلام آباد، پنجاب، مري، گليات ۾ برسات جڏهن ته 18 کان 19 فيبروري تي ملتان، بهکر، راجن پور ۽ ڊي جي خان ۾ برسات پوڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔