پ پ جي ٽڪيٽ تان ڪاميابي ماڻيندڙايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجوفوت

خيرپورناٿن شاهه:  پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳوڻو ايم پي اي انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو لاڳيتو ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جنگ ڪري رهيو هيو.

اڳوڻو ايم پي اي ۽ تازو چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تان ڪاميابي ماڻيندڙ عبدالعزيز جوڻيجو ڪافي وقت کان آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ ڪينسر سبب علاج ڪرائي رهيو هو. جيڪو اڄ موذي مرض سان جنگ ڪندي اڄ زندگي جي جنگ هارائي ويٺو.

اڳوڻي ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو جي وفات تي خيرپورناٿن شاهه ۽ مختلف شهرن ۾ هن وقت ڏک جي لهر ڇائنجي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔