بلوچ شاگردن جي بازيابي جو ڪيس: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نگران وزيراعظم کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد:  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلوچ شاگردن جي بازياب نه ٿيڻ جي ڪيس ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بلوچ شاگردن جي بازياب نه ٿيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس محسن اختر ڪياني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ اٽارني جنرل عثمان گهمن استدعا ڪئي ته اٽارني جنرل اڄ موجود نه آهي ان ڪري ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل پنهنجي موقف ۾ چيو ته اسان کي هن ڪيس ۾ وڌيڪ وقت گهرجي جنهن تي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته اها ته منهنجي مهرباني آهي جو مان ٻنهي ڊي جيز کي نه پيو گهرايان، نگران وزيراعظم سومر تي 10 وڳي پاڻ پيش ٿئي.

جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته جبري گمشدگي لاءِ موت جي سزا هجڻ گهرجي، جبري گمشدگين ۾ ملوث ماڻهن کي 2 ڀيرا موت جي سزا ملڻ گهرجي.

جنهن کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلوچ شاگردن جي بازياب نه ٿيڻ واري ڪيس ۾ سومر تي 10 وڳي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 19 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔