ٽيسوري جو پير پاڳاري سان رابطو،سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي: ڪراچي ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري حر جماعت ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه پير پاڳاري سان ٽيليفون تي رابطو ڪري موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري حر جماعت ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه صبغت الله شاهه سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. ڪامران خان ٽيسوري پير پاڳاري کي درخواست ڪئي ته هو ملڪ جي سماجي ۽ معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن.گورنر سنڌ پير پاڳاري کي چيو ته هن وقت سڄي دنيا جون نظرون پاڪستان تي آهن، ملڪ ڪيترن ئي بحرانن جو شڪار آهي، توهان پنهنجي والد وانگر ڪنگري هائوس جا دروازا کوليو ۽ مصالحت جو ڪردار ادا ڪريو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔