سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، گرمي جو زور ٽُٽي ويو

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات سبب ڪيترن ئي گهرن ۽ هوٽلن جا ڇپرا اڏامي ويا، گرمي جو زور ٽُٽي ويو، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ تيز هوا سان برسات پئي، ڪيترن گهرن ۽ هوٽلن جا ڇاپرا اڏامي ويا، ڪنڌڪوٽ، غوثپور، ڪرم پور، تنگواڻي، ديرا سرڪي ۽ شبين علائقن ۾وڏي واءَ سان وسڪارو ڪشمور -ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾برسات سبب موسم خوشگوار، گرمي جو زور به ٽٽي پيو، گهوٽڪي ضلعي ۾ به برسات پئي، گهوٽڪي جي سنڌ-پنجاب دنگ وارن علائقن ۾ تيز برسات پئي، اوٻاوڙو، ڪمون شهيد، راونتي، مريد شاخ، کنڀڙا، چوڪ ماڙي، راڄن پو، لانڳھو، ريتي، ھسوڊھو ۾ تيز ھوا سان برسات پئي، موسم خوشوار ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔