اليڪشن ڪميشن ملڪ جي 50 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنن کي حساس ۽ انتهائي حساس قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ملڪ جي 50 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنن کي حساس ۽ انتهائي حساس قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب حساس ۽ انتهائي حساس قرار ڏنل پولنگ اسٽيشنن جو انگ 46 هزار 65 آهي. حساس پولنگ اسٽيشنن جو انگ 27 هزار 437 جڏهن ته انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن جو انگ 18 هزار 437 آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته پنجاب ۾ 12 هزار 580 پولنگ اسٽيشنون حساس ۽ 6 هزار 40 انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن. پنجاب ۾ 32 هزار 324 پولنگ اسٽيشنون نارمل قرار ڏنيون ويون آهن

سنڌ جون 6545 پولنگ اسٽيشنون حساس، 6524 انتهائي حساس ۽ 5937 پولنگ اسٽيشنون نارمل قرار ڏنيون ويون آهن. خيبرپختونخواهه جون 6166 پولنگ اسٽيشنون حساس 4143 انتهائي حساس ۽ 5388 پولنگ اسٽيشنون نارمل قرار ڏنيون ويون آهن.

بلوچستان ۾ ٽوٽل 5 هزار 28 پولنگ اسٽيشنن مان صرف 961 نارمل قرار ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته حساس پولنگ اسٽيشنن جو انگ 2337 ۽ انتهائي حساس جو انگ 1730 آهي. ملڪ ۾ 90 هزار 675 پولنگ اسٽيشنون ٺاهيون ويون آهن.

ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن پري جي ضلعن ۾ بيلٽ پيپرز ۽ چونڊ سامان جي ورهاست جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. بيلٽ پيپرز ۽ چونڊ سامان جي ورهاست پاڪ فوج جي سخت سيڪيورٽي ۾ ڪئي پئي وڃي.

اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب پري وارن ضلعن ۾ بيلٽ پيپرز ۽ چونڊ سامان جي ورهاست 5 فيبروري تائين مڪمل ڪئي ويندي. راولپنڊي، اٽڪ ۽ اسلام آباد ۾ 6 فيبروري تائين چونڊ سامان جي ورهاست مڪمل ڪئي ويندي. 7 فيبروري تي بيلٽ پيپرز ۽ چونڊ سامان ريٽرننگ آفيسرن پريزائيڊنگ آفيسرن جي حوالي ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔