فوجي عدالتن ۾ سويلين جو ٽرائل: سپريم ڪورٽ جو بينچ ٽٽي ويو

اسلام آباد: فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جو 6 رڪني لارجر بينچ ٽٽي ويو.

جسٽس سردار طارق مسعود پاڻ کي بينچ کان ڌار ڪري ڇڏيو. جسٽس سردار طارق مسعود فوجي عدالتون غير آئيني قرار ڏيڻ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي 6 رڪني بينچ جي سربراهي ڪري رهيو هو.

جسٽس امين الدين خان، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت بلالي ۽ جسٽس عسادت سعادت به بينچ جو حصو هئا.

ٻڌڻي شروع ٿي ته جسٽس سردار طارق مسعود چيو ته اسان بينچ تي داخل ڪيل اعتراضن کي پهريان ٻڌنداسين. جواد ايس خواجه جي وڪيل بينچ تي اعتراض اٿاريندي چيو ته بينچ جي ٻيهر جوڙجڪ جي لاءِ معاملو ججز ڪميٽي ڏانهن اماڻيو وڃي.

لاهور بار جي وڪيل حامد خان ڪيس ۾ دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي جسٽس سردار طارق مسعود ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اسان کي ڪيس ٻڌڻو ئي نه آهي ته دليل نه ڏيو، اسان تي اعتراض اٿاريا پيا وڃن ته مان  ڪيس کان ڌار ٿي وڃان.

عدالت بينچ جي جوڙجڪ جي لاءِ معاملو پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو. عدالت چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي لارجر بينچ جوڙي. ملٽري ڪورٽس ۾ سويلين جو ٽرائل جاري رکڻ جو حڪم امتناع برقرار رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔