ايس پي ايل ۾ ميرپورخاص ٽائيگرز جو حصو بڻجڻ تي خوش آهيان شعيب اختر

ڪراچي: اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر شعيب اختر چيو آهي ته سنڌ پريميئر ليگ لاءِ خاص دبئي کان ڪراچي آيو آهيان، ڪامياب ايونٽ تي سنڌ پريميئر ليگ جي انتظاميا کي مبارڪباد ڏيان ٿو.ڪراچي ۾ ڳالهائيندي شعيب اختر چيو ته سنڌ پريميئر ليگ ۾ ميرپورخاص ٽائيگرز جو حصو بڻجڻ تي خوشي ٿي، مون کي ميرپورخاص ٽائيگرز جو برانڊ ايمبيسيڊر بڻايو ويو آهي.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ پريميئر ليگ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو تمام سٺو آهي، ليگ جي سمورين فرنچائزز نوجوان رانديگرن کي پليٽ فارم فراهم ڪيو آهي.اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر شعيب اختر چيو آهي ته سنڌ پريميئر ليگ انتظاميا ايونٽ منعقد ڪرائڻ ۾ وڏيون ڪوششون ڪيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔