غزه ۾ وڌيڪ ڪيترائي فلسطيني شهيد: اسڪول مڪمل تباهه

غزه : غزه م اسائيلي جارحيت جاري آهي، ڪالهه به وڌيڪ ڪيترائي فلسطيني شهيد ٿي ويا. ان ڏس ۾ اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ غزه ۾ اسڪول تباهه ٿي ويا آهن، جنهن سبب تعليمي بحران پيدا ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب غزه ۾ 100 ڏينهن کان جاري اسرائيلي حملن ۾ رهائشي عمارتن سان گڏ اسڪولي عمارتون به تباهه ٿي ويون آهن. يونيسيف جي رپورٽ موجب 8 جنوري 2024ع تائين هن جنگ 4 لک 33 هزار شاگردن ۽ 16 هزار استادن کي متاثر ڪيو آهي، ان دوران 4275 شاگرد شهيد ٿيا آهن جن جون ڄمارون 6 کان 17 سالن جي وچ ۾ هيون. 227 استاد به شهيد ٿي چڪا آهن. غزه ۾ 270 اسڪول اهڙا آهن جيڪي مڪمل طور تي فعال هئا هاڻي جزوي يا مڪمل طور تباهه ٿي چڪا آهن ۽ درست حالت ۾ بچي ويندڙ اسڪولن کي پناهه گاهه طور استعمال ڪيو پيو وڃي، اهڙي ماحول ۾ تعليمي سرگرميون مڪمل طور ٺپ ٿي چڪيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔