چونڊن ۾ حصو وٺڻ هرڪنهن جو بنيادي حق آهي، ڪنهن کي روڪي نه ٿو سگهجي : سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ چيو آهي ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ بنيادي حق آهي، ڪنهن شخص کي چونڊن جي بنيادي حق کان محروم ڪرڻ سزا ڏيڻ هوندو، سپريم ڪورٽ عمر اسلم جي درخواست منظور ڪندي کيس اليڪشن وڙهڻ  جي اجازت ڏئي ڇڏي

عمر اسلم جو وڪيل بئرسٽر علي ظفر ۽ اليڪشن ڪميشن جون اختياريون سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيون

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته چونڊيل نمائندن لاءِ عوام کي  فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي

جسٽس اطهر من الله چيو ته اليڪشن ڪميشن عوام آڏو جوابده آهي يا اميدوارن جي؟ اليڪشن ڪميشن کي عوام  کي جواب ڏيڻو آهي

اليڪشن ڪميشن اختيارين چيو ته بيلٽ پيپرز ڇپجڻ شروع ٿي ويا آهن هاڻي تبديلي ممڪن نه هوندي

جسٽس اطهر من الله چيو ته بيلٽ پيپر ڇپجڻ شروع ٿي ويا آهن ته ڇا  اميدوارن کي بنيادي حق کان محروم ڪري ڇڏيون؟

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اليڪشن ڪميشن کي معلوم هجڻ  گهرجي ها ته عدالتن ۾ ڪيس آيا  آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔