غزه ۾ حماس خلاف ڪارروائي دوران ڌماڪو: 21 اسرائيلي فوجي مارجي ويا

تل ابيب: اسرائيلي فوج تصديق ڪندي چيو آهي ته غزه ۾ حماس جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ دوران بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾ 21 اسرائيلي فوجي مارجي ويا آهن.

ٽائمز آف اسرائيل موجب غزه جي وچ اوڀر واري علائقي ڪسوفيم جي سرحد ڀرسان حماس جي ٺڪاڻن ۽ ان جي استعمال هيٺ عمارتن کي تباهه ڪرڻ جي دوران بارودي سرنگ جو ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 21 اسرائيلي فوجي مارجي ويا.

اسرائيلي فوج جي ترجمان چيو آهي ته اهڙي علائقي ۾ حماس جي ٺڪاڻن ۽ انهن جي تباهه ٿيل انفرا اسٽريڪچر کي سائيڊ ۾ ڪري هڪ بفرزون قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي ته جيئن يهودي آبادڪاري هن محفوظ بفرزون ذريعي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃي سگهي.

ترجمان چيو ته حماس آپريشن دوران اسرائيلي فورسز جي حفاظت تي مقرر هڪ ٽينڪ کي نشانو بنايو  جنهن کان پوءِ ٻنهي عمارتن ۾ خوفناڪ ڌماڪو ٿيو ۽ عمارتون پٽ پئجي ويون جنهن ۾ ڪيترائي فوجي دٻجي ويا.

هوڏانهن اسرائيل فوج حماس جي اهڙي حملي ۾ 10 فوجين جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي هئي پر هاڻ اهو انگ وڌي 21 ٿي ويو آهي.

ياد رهي ته اسرائيل جي فوج غزه ۾ 27 آڪٽوبر تي داخل ٿي هئي جنهن کان پوءِ هو حماس جي خلاف زميني ڪارروايون ڪري رهي آهي جنهن جي دوران مارجي ويل اسرائيلي فوجين جو انگ 219 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔