چين ۽ ڪرغستان جي سرحدي علائقن ۾ زلزلو،ڪيترائي زخمي

بيجنگ : چين ۽ ڪرغزستان جي سرحدي علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي اولهه واري علائقي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن هر شيءِ کي لرزائي ڇڏيو.ميڊيا رپورٽن موجب چين ۾ زلزلي جي شدت 7.1 رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جو مرڪز اولهه وارو علائقو ووشي هو، جڏهن ته زلزلي کانپوءِ ڪيترائي آفٽر شاڪس پڻ رڪارڊ ڪيا ويا. انهن مان گهڻا 5.3 شدت جا زلزلا هئا.ميڊيا رپورٽن موجب زلزلي سبب 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 47 گهر ڊهي پٽ ۽ 78 گهرن کي نقصان پهتو آهي. ريسڪيو اهلڪار متاثر علائقن ۾ پهچي امدادي سرگرمين لاءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن.ٻئي طرف ازبڪستان ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن جي شدت 4 رڪارڊ ڪئي وئي.زلزلي سبب شهرين ۾ خوف پکڙجي ويو ۽ سخت سردي ۾ گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔