طورخم سرحد 10 ڏينهن کان پوءِ واپار لاءِ کولي وئي

پشاور: طورخم بارڊر کي 10 ڏينهن کان پوءِ واپاري سرگرمين جي لاءِ کوليو ويو آهي جنهن کان پوءِ افغانستان مان ڪارگو گاڏيون پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن.

ڪسٽم ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان ڊرائيورز کي سفري دستاويزات ٺهرائڻ جي لاءِ 31 مارچ تائين مهلت ڏني وئي آهي. پهرين اپريل کان بنا سفري دستاويزن جي ڪارگو گاڏين جو پاڪستان ۾ داخلا بند هوندو.

ڪسٽم ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته طورخم بارڊر کولڻ جو فيصلو پشاور ۾ افغان قونصلر جنرل ۽ پاڪستاني اختيارين وچ ۾ طئي ٿيو.

ڪسٽم اختيارين ٻڌايو آهي ته ڪارگو گاڏين جي لاءِ سفري دستاويزن جو فيصلو وفاقي حڪومت ڪيو هو جنهن تي 13 جنوري تي عمل شروع ٿيو ان کان پوءِ افغان اختيارين واپار جي لاءِ سرحد بند ڪري ڇڏي هئي.

ياد رهي ته افغانستان سان ٻطرفي واپار سان ملڪي ناڻي کي روزاني 5 ڪروڙ روپين جي حساب سان روينيو ملندو آهي ان ڪري واپار جي 10 ڏينهن جي بندش سان ملڪي ناڻي کي 50 ڪروڙ روپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔