انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 279 رپيا 60 پئسا ٿي ويو

ڪراچي: انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ 25 پئسا گهٽتائي ٿي آهي،انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 25 پئسا سستو ٿيڻ بعد 279 رپيا 60 پئسا ٿي ويو،ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 279 رپيا 85 پئسا تي هو. اڄ ڪاروبار جي شروعات تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ منفي رجحان ڏٺو ويو جيڪو بعد ۾ مثبت ۾ تبديل ٿي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 197 پوائنٽن جي واڌ سان 64 هزار 136 تي پهچي ويو. ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 63 هزار 939 پوائنٽس تي بند ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔