گلين ميڪسويل ڪرڪيٽ آسٽريليا جي جاچ هيٺ ناهي

سڊني : آسٽريلوي ڪرڪيٽر گلين ميڪسويل جي مئنيجر جو چوڻ آهي ته گلين ميڪسويل ڪرڪيٽ آسٽريليا جي جاچ هيٺ ناهي.هڪ بيان ۾ ميڪسويل جي مئنيجر چيو ته گلين ميڪسويل شرمسار، غمگين ۽ معذرت خواه آهي، جيڪو ڇنڇر تي ٿيو، ميڪسويل واپس ميلبورن پهچي ويو آهي ۽ ٽريننگ شروع ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب گلين ميڪسويل کي جمعي جي رات ايڊليڊ جي اسپتال ۾ اوور ڊوز سبب داخل ڪيو ويو هو.گلين ميڪسويل چيف سليڪٽر جارج بيلي ۽ ڪوچ اينڊريو ميڪڊونلڊ کي صورتحال بابت آگاهه ڪيو آهي.ڪرڪيٽ آسٽريليا ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز لاءِ گلين ميڪسويل کي آرام ڏنو آهي پر هو ويسٽ انڊيز خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو حصو هوندو.ٻئي طرف آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز واقعي تي گلين ميڪسويل جي رويي تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو آهي. گلن ميڪسويل سان ڪرڪيٽ آسٽريليا جي طبي عملي طرفان رابطو ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته ڪجهه وقت اڳ گلن ميڪسويل گولف کيڏندي ڪري پيو ۽ زخمي ٿي پيو هو، جنهن ۾ سندس منهن ۽ مٿي تي زخم آيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔