ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي،اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان

ڪراچي: انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر جي قدر ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 8 پئسا سستو ٿيڻ بعد 279 رپيا 90 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 279 رپيا 98 پيسا تي هو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروبار جو رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 498 پوائنٽس وڌي 63700 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 63 هزار 202 پوائنٽس تي بند ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔