واٽس ايپ چينلز ۾ وڏي اپ ڊيٽ ڪئي وئي

نيويارڪ: ميٽا پاران واٽس ايپ چينلز لاءِ 2024ع جي پهرين وڏي اپ ڊيٽ ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته واٽس اپ چينلز جو فيچر جون 2023 ۾ متعارف ڪرايو هو، جيڪو شروعات ۾ ڪجهه ملڪن تائين محدود هو، پر سيپٽمبر ۾ ان کي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي صارفين لاءِ پيش ڪيو ويو هو.واهپيدار واٽس ايپ چينلز ذريعي پنهنجي پسنديده شخصيتن، راندين ۽ ٻين عنوانن جون اپ ڊيٽس حاصل ڪري سگهن ٿا.نومبر ۾ ميٽا جي سي اي او مارڪ زڪربرگ چيو هو ته واٽس ايپ چينل استعمال ڪندڙ ماڻهن جو انگ رڳو 7 هفتن ۾ 500 ملين کان وڌي ويو آهي. واٽس ايپ چينلز جي مقبوليت کي نظر ۾ رکندي ميٽا ان ۾ وڌيڪ فيچرز شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميٽا پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته واٽس ايپ چينلز ۾ وائس نوٽس، پولز ۽ اضافي ايڊمنس جهڙا فيچر شامل ڪيا پيا وڃن. بيان موجب هاڻي واٽس اپ چينل آپريٽرز پنهنجي فالورز سان وائس اپڊيٽ شيئر ڪري سگهندا، جنهن سان مصروفيتن جا منٽ به وڌندا.ڪمپني موجب واٽس اپ استعمال ڪندڙن پاران روزانو 7 ارب وائس پيغام موڪليا ويندا آهن.اهڙي طرح واٽس ايپ چينلز تي مختلف موضوعن تي پولز ڪرائڻ جو آپشن به شامل ڪيو پيو وڃي.في الحال صارف صرف چينلز ۾ ايموجيز ذريعي پنهنجا ردعمل ظاهر ڪري سگهن ٿا. هڪ ٻيو نئون فيچر چينل اپ ڊيٽس کي واٽس ايپ اسٽيٽس ۾ شيئر ڪرڻ جو اهي. هي فيچر چينل ايڊمن کي پنهنجي چينل کي پروموٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. ميٽا موجب هاڻي هڪ چينل کي هلائڻ لاءِ 15 ايڊمن کي شامل ڪرڻ ممڪن ٿيندو، جنهن سان صارفين سان اپڊيٽ شيئر ڪرڻ جو عمل تيز ٿي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔