پاڪ ۽ ايران ۾ ڇڪتاڻ بعد مثبت پيغامن جي مٽاسٽا

اسلام آباد: پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کانپوءِ هاڪاري پيغامن جي مٽا سٽا ڪئي وئي آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ مثبت پيغامن جي مٽاسٽا جي تصديق ڪئي.پاڪستان جي ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري رحيم حيات قريشي پنهنجي ايراني هم منصب سيد رسول موسوي کي جواب ڏنو ته پيارا ڀاءُ رسول موسوي اوهان جي جذبن جو جواب ڏئي رهيو آهيان.ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري ايراني سفارتڪار کي ٻڌايو ته پاڪستان ۽ ايران جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، سمورن مسئلن کي هاڪاري ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌنداسين، دهشتگردي سميت اسان جي گڏيل چيلنجز تي گڏيل عمل جي ضرورت آهي.ايراني سفارتڪار جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ ۽ اعليٰ عملدار ڄاڻن ٿا ته تازي ڇڪتاڻ مان دشمن ۽ دهشتگرد فائدو وٺندا، اڄ مسلم دنيا جو بنيادي مسئلو غزه ۾ صهيونين جي ظلمن کي روڪڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔