پاڪ،ايران ڇڪتاڻ، سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪرڻ جا امڪان

اسلام آباد: نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ايران ڇڪتاڻ سبب ڊيووس جو دورو مختصر ڪري اڄ رات پاڪستان پهچندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڏائڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ آرمي، نيول ۽ ايئر فورس جا سربراهه، بچاءَ واري وزارت ۽ پرڏيهي معاملن جا اعليٰ عملدار شرڪت ڪندا.ذريعن موجب قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان ۽ ايران ڇڪتاڻ تي غور ڪيو ويندو.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ چونڊن سميت ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي غور ڪيو ويندو.ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردن خلاف تازي آپريشن تي بريفنگ ڏني ويندي، پاڪ ايران لاڳاپن جي مستقبل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔