ايران ۾ بدنام دهشتگرد جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو : آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر ايران جي علائقي سيستان ۾ ٿيل حملي جي وضاحت ڪئي آهي، آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 18 جنوري جي صبح پاڪستان ايران تي حملو ڪيو. پاڪستان ۾ تازين حملن ۾ ملوث دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. پاڪستان ڊرون، راڪيٽ ۽ ٻين هٿيارن سان حملي جو جواب ڏنو.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ جو چوڻ آهي ته هنن سيستان ۾ بلوچستان لبريشن آرمي ۽ بلوچستان لبريشن فرنٽ جي پناهگاهن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ٽارگيٽ ڪلنگ کي بدنام دهشتگرد استعمال ڪري رهيا هئا، پاڪ فوج دهشتگردي جي ڪاررواين خلاف پاڪستاني شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر وقت تيار آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي موجب اسان پاڪستان جي علائقائي حدن جي خودمختياري کي هر صورت ۾ محفوظ رکڻ لاءِ پرعزم آهيون، اهي پناهگاهون بدنام دهشتگرد دوست عرف چيئرمين، بجر عرف سوغت، ساحل عرف شفق، اصغر عرف بشام ۽ وزير عرف وزير سيت آهن،آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪنهن به قسم جي اڳرائي خلاف اسان جو عزم غير متزلزل آهي، عوام جي مدد سان پاڪستان جي سمورن دشمنن کي شڪست ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔