ايران جي سرڪاري خابرو اداري ارنا طرفان پاڪستان جي حملن ۾ 7 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق

ايران جي سرڪاري خابرو اداري ارنا پاڪستان جي حملن ۾ 7 ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي

 ايران جي سرڪاري ميڊيا پاران پاڪستان جي حملي ۾ شهرين جي مارجي وڃڻ جي واويلا ڪئي پئي وڃي

ايراني ميڊيا موجب اڄ صبح سراوان شهر ۽ ڀرپاسي جا علائقا ڌماڪن سان گونجي اٿيا، 7 معصوم شهري مارجي ويا آهن

 ايراني صوبي سيستان بلوچستان جي ڊپٽي گورنر جنرل علي رضا مرهماتي چيو آهي ته حملن ۾ مارجي ويل 7 ڄڻا ايراني شهري نه هئا، سراوان جو علائقو سيستان بلوچستان صوبي جي راڄڌاني زاهدان کان 347 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔