جيڪو پاڪستان جي قانون کي نٿو مڃي اهو هتان کان هليو وڃي: نگران وزيراعظم

پشاور: نگران وزيراعظم انورالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جيڪو پاڪستان جي قانون کي نٿو مڃي اهو هتان کان هليو وڃي.

پشاور جي گورنر هائوس ۾ خيبرپختونخواهه پوليس دربار جي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته ڪي ڪي پوليس جي جوانن کي سلام پيش ڪريان ٿو. ڪي پي پوليس جي شهيدن جا وارث معمولي ڳالهه ناهن. مان هڪ مقروض جي حيثيت سان هتي آيو آهيان. اوهان ماڻهن جو منهنجي مٿان وڏو قرض آهي. ڪجهه وقت اسان اوهان کي مالي امداد نه ڏني جيڪا ڏيڻ گهرجي ها

نگران وزيراعظم دهشتگردن بابت ڳالهيون ڪندي چيو ته اهي ڪريل ماڻهو آهن جنهن هن شهر ۾ ٻارن کي قتل ڪيو. مون کي بيماري يا آپگهاتي حملي ۾ مرڻو آهي  اهو فيصلو الله جو هوندو. هي دين ۽ اسلام جي نالي تي ماڻهن کي ڊيڄاريندا آهن. الله زندگي ۽ موت جو فيصلو پنهنجي هٿ ۾ رکيو آهي. اسان تي  جيڪو 10 حملا ڪندو ان کي اسان هڪ هزار ڀيرا جواب ڏينداسين.

هن وڌيڪ چيو ته شر جو ساٿ ڏيندڙ ڪريل ماڻهو آهن. اي پي ايس ۾ معصوم ٻارن کي شهيد ڪيو ويو. هنن کي شرم اچڻ گهرجي. اسان دهشتگردن کان نٿا ڊڄون، اسان پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهيون. هي دهشتگرد اسان جي رستي ۾ رنڊڪون بيهاريندا آهن. اسان  انهن جي خلاف ڪامياب ٿي چڪا آهيون، اسان کي پنهنجو سفر جاري رکڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔