صوابي ۾ فائرنگ: پي ٽي آءِ جو مقامي اڳواڻ مارجي ويو

پشاور:  پاڪستان تحريڪ انصاف جي مقامي اڳواڻ کي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس موجب صوابي اڊه ۾ نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن گاڏي تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ جو مقامي اڳواڻ شاهه خالد مارجي ويو جڏهن ته سندس ڊرائيور زخمي ٿي پيو، موٽر سائيڪل سوار جوابدار فائرنگ کان پوءِ فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واي هنڌ پهتي ۽ شاهديون جمع ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن به پختونخواهه ۾ اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه جي ڳوٺ تپي ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ سبب صوبائي اسيمبلي جي اميدوار سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هئا.

هوڏانهن بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ به گذريل ڏينهن اڳوڻي صوبائي وزير، سينيٽر ۽ عام چونڊن جي لاءِ تڪ 258 تان مسلم ليگ(ن) جي اميدوار مير اسلم بليدي تي قاتلاڻو حملو ٿيو هو جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔