لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ ، 2 دهشتگرد مارجي ويا، 2 جوان شهيد

لڪي مروت: خيبر پختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته بهادري سان وڙهندي 2 جوان به شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻي جو پتو لڳايو، فائرنگ جي سخت ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد آفتاب عرف ملنگ ۽ مسعود شاهه مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوان (سپاهي محمد افضل ۽ سپاهي ابرار حسين) شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا، انهن وٽان هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد به برآمد ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔